اي ڪيو پيرزادو

اي. ڪيو. پيرزادو: مشھور اداڪار، هدايتڪار ۽ فلم ڊائريڪٽر اي. ڪيو. پيرزادي جو پورو نالو علي محمد ولد قربان علي پيرزادو هو. سندس جنم 1935ع ڌاري سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو. کيس ننڍپڻ کان فلمن سان چاهه رهيو. شروعات ۾ نوابشاهه جي ريگل سئنيما ۾ پينٽر جي نوڪري ڪئي. جنھن دوران فلمن جا پوسٽر ٺاهيندو هو. فلمن سان دلچسپي هجڻ سبب لاهور هليو ويو، جتي نامور هدايتڪارن همايون مرزا، فريد احمد، خليل قيصر، رفيق رضوي، رياض احمد راجو، اي غفار، جاويد هاشمي ۽ ايس ايم يوسف وغيره سان گڏ ڪم ڪيو. جن مان ڪن وٽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. سندس مشھور سنڌي فلمن ۾: ’ڌرتي دل وارن جي‘، ’محبوب مٺا‘، ’بادل ۽ برسات‘، ’چانڊوڪي‘، ’سورٺ‘، پنجابي فلم ’مٽي ديان مور تان‘ وغيره قابل ذڪر آهن. اي ڪيو پيرزادي جون سنڌي فلمون فني لحاظ کان مٿانھين معيار جون نظر اچن ٿيون. هن 25 جنوري 2011ع تي وفات ڪئي. سندس خاندان سڪرنڊ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو